حافظ رشيد خوشنويس

حافظ رشيد، خوشنويس: حافظ رشيد خوشنويس، ڄام نظام الدين ۽ ڄام فيروز جي ڏينهن ۾ خوشنويسيءَ جي مهارت جو علمبردار هو ۽ وڏن عالمن ۽ مشهور ماڻهن ۾ سندس شمار ٿيندو هو. جڏهن شاهه بيگ ارغون گذاري ويو ته ڄام فيروز تمام خوش ٿيو ۽ فاتح خوانيءَ کي نظرانداز ڪندي تعبيداريءَ کان منهن موڙيائين، جڏهن شاهه حسن ارغون کي اها خبر پئي، تڏهن هن ڄام فيروز کي سيکت ڏيڻ جو پڪو ارادو ڪيو. اها خبر جڏهن ڄام فيروز کي پهتي تڏهن حافظ رشيد خوشنويس ۽ قاضي قاضن کي سوکڙين سميت شاهه حسن وٽ موڪليائين، پر ڳجهه ڳوهه ۾ جنگ جي تياري ڪرڻ لڳو. شاهه حسن کي جڏهن اها خبر پئي تڏهن ان هڪدم ڄام فيروز تي حملو ڪري ڏنو، جنهن ۾ شاهه حسن کي فتح حاصل ٿي. شاهه حسن ارغون حافظ رشيد جي تمام گهڻي عزت ڪندو هو ۽ آخر تائين کيس پاڻ وٽ رکيائين. (مير علي شير قانع: تحفة الڪرام)


لفظ حافظ رشيد خوشنويسھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو